سيراج جي ٽڪري

سيراج جي ٽڪري: پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ پنهنجي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ سيراج جي ٽڪريءَ جو احوال هن ريت لکي ٿو ته، ”ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي کان چئن ميلن جي مفاصلي تي اڀن شاهه جي سامهون سيراج جي ٽڪري آهي. اُتي جي ڌنارن مال چاريندي ٺڪر جون ڪجهه شيون لڌيون، جيڪي ڪافي آڳاٽي زماني جون هيون، انهن ڌنارن اهي شيون ان وقت جي خيرپور رياست جي حڪمران خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر کي ڏنيون، جن کي ڏسي مير علي نواز خان ان سيراج جي ٽڪريءَ جي کوٽائيءَ جو ڪم 1935ع ۾ پنهنجي نگرانيءَ ۾ شروع ڪرايو هو، پر ان وقت آثار قديمه ۾ مهارت رکندڙ عملي جي ڪميءَ سبب اهو ڪم ڪنهن نتيجي نڪرڻ کان سواءِ بند ٿي ويو.“


لفظ سيراج جي ٽڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو